اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ??اڪ??م بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير معمولي بهادرري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. و??ير??عظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن سان ليس ڪنداسين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ آهي.