اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ??مي??ي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لا??ِ قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نيڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو ??يان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيڪا کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي لا??ِ بين الوزارتي ??مي??ي قدم کڻي ۽ نيڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪندي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو وڃي. وزيراعظم نيڪا جي ماهرن جي تعميراتي، صنعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ توانائي جي ڀرپور بچت جي لا??ِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ان جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيڪا جي صلاحيت وڌائڻ جي لا??ِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي نيڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن پاليسي جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لا??ِ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم نيڪا جي سڌارن جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري قدمن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انهن قدمن کي مقر?? مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.