اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪر?? ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فوج جي شهيد اهلڪارن جي پونئيرن ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 15 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن ??ان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ??يو. هن لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيع الله جي ڀائرن ??ان رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ??يو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪر?? ٿي. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن پونئيرن ??ان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.