اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الص??اح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي ??با??ڪباد ڏني اهي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاران انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن کي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ع??د جي ??با??ڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪويت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ??نه?? اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان انهن کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.