اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ساڻس پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحا?? ۽ ??ارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته قائد ميان محمد نواز شريف پاران توهان سڀني پارٽي اڳواڻن کي سلام ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز، حمزه شهباز ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت پاران بلوچستان جي مسلم ليگي ميمبرن جي لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم ??يو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ئي هڪ هفتي دوران هي منهنجو بلوچستان جو ٻيو دورو آهي، ٻوڏ دوران بلوچستان جي عوام کي ترجيحي بنيادن تي مدد ۽ انهن جي بحالي يقيني بڻائي. هن ??يو ته باصلاحيت افرادي قوت کي هڪ جهڙي ترقي جي موقعن ۽ روزگار جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندس، بلوچستان جي ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ??ري رهيو آهيان. ٻوڏ دوران مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي ميمبرن امدادي سرگرمين ۾ وڌي ??ڙهي حصو ورتو. ٻوڏ متاثرين جي ڏکن تي مرهم رکڻ تي مون سميت پوري مرڪزي قيادت توهان سڀني جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.