ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موسمي ت??ديلين جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري ??پريل کان ئي برساتون شروع ٿي ويون آهن، ??مي?? ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي بحران جو خميازو غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ??يان موجب بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هن وقت بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي ندي نالن ۾ ٻوڏ واري ??ورتحال آهي، گذريل چوماسي دوران ٿيندڙ رڪارڊ برساتن جي متاثرين جو اڄ به هڪ وڏو انگ مدد جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته گذريل غيرمعمولي برساتن دوران ٻڏي ويندڙ لکين گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر بحالي جو ڪم اڃا به مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اين ڊي ايم اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار برساتن جي ڏس ۾ هر وقت چوڪس رهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي برساتن دوران احتياطي ت??بيرون اختيار ڪن ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر مصيبت کان بچائي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن جي لاءِ پڻ هدايت جاري ڪندي چيو ته جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪمن جي حوالي سان انتظ??مي?? سان رابطي ۾ رهن. هن بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برساتن دوران حادثن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس ۽ انهن حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي ت??زيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.