اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظام هيٺ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان 10 ۽ 11 مئي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي، عالمي ڪنوينشن ۾ معزز مهمانن جي شرڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان، آذربائيجان، سري??نڪ??، ڪينيا، بيلجيم، شام ۽ لبنان جي پارلياماني وفد اسلام آباد پهچي ويا. سعودي عرب جو پارلياماني وفد چيئرمين مجلس شوريٰ ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ پاڪستان پهچي ويو. وفد جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ا??پي??ر زاهد اڪرم دراني اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي وفد جو استقبال ڪيو. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ا??پي??ر سعودي وفد کي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت تي سعودي وفد جو ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو ??ظه??ر ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن، ايران جو پارلياماني وفد ڊاڪٽر وحيد جلال زاده سربراهه قومي سلامتي۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن، ايراني پارليامينٽ جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد علي موسيٰ گيلاني ايران جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪئي. ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا ۽ ڀائيچاري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، علي موسيٰ گيلاني ايران جي پارلياماني وفد جو آئين جي گولڊن جوبلي ڪنويشن ۾ شرڪت تي وفد جي آجيان ڪئي. ڊپٽي ا??پي??ر عادل عابش جي سربراهي ۾ آذربائيجان جي پارلياماني وفد جو استقبال قومي اسيمبلي جي ميمبر رومينه خورشيد عالم ڪيو. لبنان جو پارلياماني وفد لبنان جي ڊپٽي ا??پي??ر قاسم هاشم جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. لبنان جي پارلياماني وفد جو استقبال قومي اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر صابر ??سي?? قائمخاني ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محمد خان ڪيو آهي. تاجڪستان جي پارلياماني وفد کي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شازيه صوبيه، اسلم سومرو اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. شام جي پارلياماني وفد عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتو، قومي اسيمبلي ميمبر محمد خان ڊاها اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جي آجيان ڪئي. ڪينيا ۽ سري??نڪ?? جا پارلياماني وفد گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتا، قومي اسيمبلي جي اعليٰ عملدارن ڪينيا ۽ سري??نڪ?? جي پارلياماني وفدن جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.