راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي مرڪزي ??قر??ب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. ??قر??ب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي سربراهن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چ??فس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان س??يت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. ??قر??ب جو آغاز تلاوت ڪل??م پاڪ سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن به شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ??قر??ب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.