اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي، نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن، نوجوانن جي اعليٰ تع??يم جي لاءِ پاڪستان اينڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو و??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي من??قد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏنيون. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، عطاءُ الله تارڙ، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي تحت نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي. ايندڙ بجيٽ ۾ نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن. نوجوانن جي اعليٰ تع??يم جي لاءِ پاڪستان انڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو و??ي. بجيٽ ۾ باصلاحيت ۽ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي هنر سان ليس ڪرڻ جي لاءِ مفت ليپ ٽاپ جو پروگرام شامل ڪيو و??ي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انڊونمينٽ فنڊ سان نوجوانن کي اعليٰ ۽ پيشيواراڻي تع??يم ۽ آءِ ٽي ۾ مهارت جي تربيت ڏني ويندي. وظيفن ۽ تع??يم جي لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ جي عنصر کي اهميت ڏني وڃي. بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي فروغ جي لاءِ من??وبا شامل ڪيا وڃن. آبادگار پئ??يج تحت شروع ڪيل من??وبا جاري رکيا وڃن. بجيٽ ۾ قابل تجديد توانائي جا من??وبا شامل ڪيا وڃن. پن بجلي جي من??وبن ۽ توانائي جي شعبي جي جدت جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي رقم رکي وڃي. اهڙا من??وبا جيڪي سست رفتاري جو شڪار ٿي سالن کان پي ايس ڊي پي ۾ شامل آهن ۽ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن انهن کي ان جي دائره ڪار مان ڪڍيو و??ي. بجيٽ ۾ ترقياتي من??وبن کي شامل ڪرڻ وقت صوبن، لاڳاپيل شعبن جي ڌرين ۽ اتحادي پارٽين کي مڪمل اعتماد ۾ وٺي انهن جي تجويزن کي شامل ڪيو و??ي. اجلاس کي پي ايس ڊي پي تحت جاري من??وبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ من??وبن جي حوالي سان تجويزن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي بجيٽ ۾ زرعي شعبي، قابل تجديد توانائي، نوجوانن جي لاءِ اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ روزگار جا من??وبا ترقياتي بجيٽ جو اهم حصو هوندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ من??وبا بجيٽ جو حصو هوندا. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال ۾ وزيراعظم جي آبادگار پئ??يج ۽ بااختيار نوجوان پروگرام جا ثمر عوام تائين پهچايا وڃن. ان حوالي سان 60 هزار نوجوانن کي هن وقت مختلف سرڪاري ترقياتي من??وبن ۾ انٽرن شپ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ پيداوار حاصل ٿي. وزيراعظم بجيٽ 24 – 2023ع جي ترقياتي من??وبن ۾ ملڪي آمدني واپار جو متبادل فراهم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مختلف شعبن جي جدت جي من??وبن کي ترجيح ڏيڻ جي واضح هدايت ڪئي.