اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل عالمي خاموشي سان حوصلو وٺي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عملي طور تي جن??ي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جني?? پناهگير ڪئمپ ۾ اسرائيلي فضائي ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطينين جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر اهي ماڻهو گوشت ۽ رت سان ٺهيل انسان آهن، جن کي پنهنجي بنيادي حق جو مطالبو ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فضائي حملن سان هزاري?? پناهه وٺندڙن جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ضم??ر کي جنجهوڙيندا رهندا.