اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿور?? مڃيندي چيو آهي ته سعودي عرب جي مدد سان پ??ڪس??ان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي بر??در?? جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پ??ڪس??ان جي ع??ام پاران هو اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جو ٿورائتو آهي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان جي لاءِ مالياتي مدد يقيني بڻائڻ تي آئُون خاص طور تي پنهنجي ڀاءُ ولي ع??د ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ان مدد سان پ??ڪس??ان جا پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران معاونت جي فراهمي سان پ??ڪس??ان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي بر??در?? جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پ??ڪس??اني معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي پرعزم آهيون. وزيراعظم ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جا به ٿور?? مڃيا ۽ انهن جي ڪردار کي به ساراهيو آهي.