اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (تر??يم??) بل 2023ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب رٿ ??يش ڪئي ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (تر??يم??) بل 2023ع فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. بل تي ڳالهائيندي قانون ۽ انصاف واري وفاقي ??زي?? سي??يٽ?? اعظم نذير تارڙ چيو ته صحافين جي هڪ حلقي جا بل تي خدشا هئا، باقي تنظيمن ان جي حمايت ڪئي، صحافين جو هڪ وڏو وفد جنهن ۾ مختلف تنظيمن جا عهديدار شامل هئا، انهن ??زي??اعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڪجهه وفاقي ??زي?? به موجود هئا، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ??زي??اعظم کي ٻڌايو ته هي بل صحافتي برادري جي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو، صحافين بل جي منظوري جي لاءِ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو هو ۽ وفاقي ??زي?? راڻا تنوير حسين کين يقين ڏياريو هو ته ان بل کي منظور ڪرايو ويندو ڇو ته ان سان پگهارن ۽ سيڪيورٽي جا معاملا واڳيل آهن، ??زي??اعظم پڻ هدايت ڪئي ته هي بل منظوري جي لاءِ ايوان ۾ ??يش ڪيو وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب چيو ته اپريل 2022ع ۾ پيمرا آرڊيننس ۾ ترميم جي عمل جي شروعات ڪئي وئي، ان ۾ ڪيترين ئي شقن جي تبديلي ضروري هئي. هن چيو ته اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي، پي بي اي، ايمنڊ سميت سمورن ميڊيا نمائندن سان گڏجي ان پراسيس کي شروع ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ مس انفارميشن، ڊس انفارميشن کي ان بل ۾ شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع تحت پيمرا چيئرمين ڪنهن به چينل کي بند ڪري سگهي ٿو، معطل ڪري سگهي ٿو، لائيسنس رد ڪري سگهي ٿو، هلندڙ پروگرام کي بند ڪري سگهي ٿو، پيمرا چيئرمين جي هڪطرفي اختيار کي اٿارٽي ۾ ورهايو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي اختيار ڏنو، ان ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ ڪو پليٽ فارم موجود نه هو?? نيوز پيپرز ملازمن جي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم دستياب هو?? پي ايف يو جي، پي آر اي، آر آئي يو جي سميت مختلف نمائندن سان گڏجي ان ترميم کي شامل ڪيو ويو ته ڪو ادارو ملازمن جون رهتون ادا نه ٿو ڪري ته حڪومت ان کي اشتهار نه ڏيندي، جيڪڏهن ڪو ادارو گهٽ ۾ گهٽ اجرت ادا نه ڪندو ته ان کي به حڪومتي بزنس جاري نه ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته آءِ ٽي اين اي 9 مهينن ۾ 14 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي ڪئي، ٽي شقون ان بل ۾ شامل ڪيون ويون، 12 مهينا ان تي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۾ 10 کان 12 ڏينهن تائين هي بل موجود رهيو، اتي ان تي بحث ٿيو، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي مان اهو بل منظور ٿيو، ان کانپوءِ هي بل سينيٽ اجلاس ۾ ??يش ڪيو ويو، منهنجي درخواست تي هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو ته جيئن ان تي وڌيڪ راءِ اچي وڃي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيمرا چيئرمين جي سليڪشن جو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ جي راءِ ڏني وئي، ??زي??اعظم ان ترميم جي فوري منظوري ڏني. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آگاهه ڪيو ته ٻئي شقون قانون جو حصو آهن، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي تعريف کي 12 ملڪن ۽ گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪميٽي جي ڊيفي نيشن مان رهنمائي حاصل ڪندي تيار ڪئي، اڳ ۾ چيو ويو ته ڪنهن جي اشاري تي اهو ڪارو قانون ٺاهيو پيو وڃي. هن چيو ته مون سدائين چيو ته تر??يم??ن ڏيو پر ان کي منهنجي ذات جو مسئلو بڻايو ويو، مون سدائين تنقيد برداشت ڪئي آهي، سي پي اين اي، ايمنڊ، پي ايف يو جي، پي بي اي جي ماڻهن ڪميٽي ۾ اچي تصديق ڪئي ته اسان ان بل جي تياري ۾ مشاورت ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ميڊيا نمائندن چيو ته بل حڪومت ??يش ڪيو آهي پر هي ميڊيا انڊسٽري جو بل آهي، منهنجي قيادت اظهار راءِ جي جنگ وڙهي آهي، اڳوڻي دور ۾ هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويندا هئا، عرفان صديقي کي هڪ ڪالم لکڻ تي جيل موڪليو ويو. هن چيو ته اسان انهن مرحلن مان گذريا آهيون، منهنجي قيادت تي الزام هنيو ويو ته اسان ڪارو قانون آڻي رهيا آهيون، اسان اظهار راءِ جي آزادي کي ختم ڪري رهيا آهيون، بل کي پڙهڻ کانسواءِ تڪراري بڻايو ويو، پريس گيلري ۾ پي ايف يو جي، پي آر اي سميت سمورا ورڪنگ جرنلسٽس موجود آهن، هي بل هڪ پراسيس مان گذري آيو هو?? ان بل جي خلاف پروپئگنڊه ڪري ورڪرز جا حق سلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ورڪنگ جرنلسٽس پاران هي بل ??يش ڪنديس. هن چيو ته جڏهن پي ايم ڊي اي ٺهي رهي هئي ان وقت ڀاشن ڏيڻ وارا ڪٿي هئا؟ اسان پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون جي خلاف ڌرڻا هڻي رهيا هئاسين، ان وقت اهي ڪٿي هئا؟ بل کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪنوينر سي??يٽ?? فوزيه ارشد چيو ته بل ٻيهر ??يش ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ضروري آهي. سي??يٽ?? سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مشاورت ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي ان تي اعتراض نه هجي. سي??يٽ?? سيف الله ابڙو چيو ته جنهن ڪيٽيگري ۾ پيمرا لائيسنس جاري ڪري ٿو، انهي ۾ نشريات جي اجازت هجڻ گهرجي، اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، جلدي ۾ بل منظور نه ڪيو وڃي. سي??يٽ?? مشتاق احمد چيو ته ان ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي هڪ مهيني ۾ ٿيڻ گهرجي، اسان کي انهن جي ڏک ۽ درد جو احساس آهي، اسان ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهيون، نيون تر??يم??ن ناڪافي آهن، پيمرا چيئرمين جي مقرري پارلياماني ڪميٽي ڪري ۽ هو پارليامينٽ کي جوابده هجي. سي??يٽ?? همايون مهمند، سي??يٽ?? مهر تاج روغاني پڻ بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. سي??يٽ?? دنيش ڪمار، سي??يٽ?? ڪامران مائيڪل ۽ سي??يٽ?? عرفان صديقي بل کي فوري طور تي منظور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سي??يٽ?? ميان رضا رباني بل جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ تي سينيٽ چيئرمين کان رولنگ جو مطالبو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي ??زي?? سي??يٽ?? اعظم نذير تارڙ چيو ته سمورين صحافتي تنظيمن جو مطالبو آهي ته بل منظور ڪيو وڃي، ان لاءِ بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو وڃي. ان دوران مخالف ڌر ميمبر بل جي منظوري جو عمل شروع ڪرڻ جي مخالفت ڪندي ايوان کان ٻاهر هليا ويا. چيئرمين جي هدايت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? بل ??يش ڪرڻ جي لاءِ رٿ ??يش ڪئي جنهن جي منظوري کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ تر??يم??ن ??يش ڪيون جن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي ۽ بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.