اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جي قيادت ۾ جمعيت علماءِ اس??ام جي 14 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. وفد جي بٽگرام سان تعلق رکندڙ اڳواڻن چيئر لفٽ واقعي ۾ لاڳاپيل عملدارن جي موثر ۽ وقت سر ڪارروائي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پي?? ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ سمورين چيئر لفٽس جي سخت جاچ ۽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.