اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار ??سڪ??لن کان ٻاهر آهن، انهن کي ??سڪ??لن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تر??يت واري نگران وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار ??سڪ??لن کان ٻاهر آهن، انهن کي ??سڪ??لن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تعليم تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي، آن لائين تعليم ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين تعليم پهچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر چيو ته ??سڪ??لن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، ??سڪ??لن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي ??سڪ??لن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي ٻين ٻارن سان گڏ ??سڪ??لن ۾ تعليم ۽ تر??يت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ملڪ ۾ معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تر??يت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي هنر سان ليس ڪن. ڊاڪٽر عارف عل??ي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن، يونيورسٽيون آن لائين تعيلم ۽ م??تلف شفٽن جي مدد سان وڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽيون 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن لائين تعليم ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامز جي مدد سان اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، يونيورسٽيون مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران وفاقي اردو يونيورسٽي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.