ڄامشورو-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ ي??ني??رسٽي ڄامشورو ۾ وفاقي حڪومت جي نشينل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ (نيسٽ) تحت سنڌ ي??ني??رسٽي،لياقت ميڊيڪل ي??ني??رسٽي ۽ شهيد الله بخش ي??ني??رسٽيءَ جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏيڻ جي سل??لي ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي. سنڌ ي??ني??رسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پاران آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ج?? شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت وفاقي وزير مدد علي سنڌي هو. تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، شهيد الله بخش ي??ني??رسٽي آف آرٽ، ڊيزائين اينڊ هيريٽيج جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ڊينز، پروفيسرن، آفيسرن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته وفاقي وزير مدد علي سنڌي مادر علميءَ جو گريجوئيٽ آهي، جيڪو ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو وڏو دانشور پڻ آهي. تعليمي، تحقيقي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ هو هميشه اڳڀرو رهيو، جڏهن ته تازو هن سنڌ ي??ني??رسٽيءَ جي باني وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي تي تحقيق جي بنياد تي هڪ عاليشان ڪتاب لکيو آهي. سندس تحقيقي پورهيو پي ايڇ ڊي سطح کان به وڏو آهي. هن چيو ته سنڌ ي??ني??رسٽي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهي آهي. مهراڻ انجنيئرنگ ي??ني??رسٽي هجي، لياقت ميڊيڪل ي??ني??رسٽي هجي يا شهيد الله بخش ي??ني??رسٽي، ٽيئي سنڌ ي??ني??رسٽيءَ جي پيداوار آهن. هن چيو ته سنڌ ي??ني??رسٽي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بهترين خدمت ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته هاسٽلن ۾ الاتمينٽ جي سال جي في صرف 5 هزار رپيا آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي سهولت به سستي فيس تي مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ ي??ني??رسٽيءَ ۾ 400 ٽيچرز پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي جون ڊگري ڪري آيا ۽ جيڪي مقامي پي ايڇ ڊي هولڊر آهن، اهي پڻ پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ سندن تحقيقي مقالا دنيا جي بهترين جرنلن ۾ ڇپجي رهيا آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته گريجوئيشن مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ سنڌ ي??ني??رسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس ۾ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جتي سنڌ ي??ني??رسٽيءَ سميت مختلف ي??ني??رسٽين جي گريجوئيٽ نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ بزنس اسٽارٽ اپ سميت مختلف مهارتون شامل ??هن. وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ چيو ته هو 45 سال اڳ سنڌ ي??ني??رسٽيءَ ۾ پڙهيو. مادر علميءَ سان سندس خوبصورت يادون جڙيل آهن. هو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو. هن چيو ته وزير طور حلف کڻڻ بعد هن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وي سيز جو اجلاس گهرايو ۽ سندن ي??ني??رسٽين جا مسئلا ٻڌا. هن چيو ته 16 آڪٽوبر تي هن اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن جي ايجنڊا ٻن اسمن تي مشتمل ??هي ته چئني صوبن ۾ جيڪي لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن جي پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيئن ڪجي ۽ صوبن ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر تعليم کي ڪيئن بهتر بڻائجي. هن چيو ته هن جڏهن پنهنجي وزارت جو جائزو ورتو ته کيس 27 ڊپارٽمينٽ نظر آيا، جن ۾ نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ به شامل هو. هن چيو ته هن هڪدم سنڌ ي??ني??رسٽيءَ جي ذهين شاگردن جي اسڪالرشپ جو پڇيو ۽ اڄ هتي ٽن ي??ني??رسٽين جي ٻارن کي اسڪالرشپ جي رقم ڏيڻ پهتا آهيون. هن اعلان ڪيو ته جلد سنڌ جا 2 موجوده يا اڳوڻا وي سيز نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽ واري کاتي ۾ شامل ڪندس ته جيئن صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ملي سگهي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪندس. وفاقي وزير چيو ته صوبن خاص طور سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت بهتر ڪرڻ۽ معياري تعليم جي فراهميءَ لاءِ سڀني کي ذميواريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جلد ملڪ جي سمورين سرڪاري ي??ني??رسٽين جي وائيس چانسلرز کي گهرائي سندن ي??ني??رسٽين جا مسئلا ٻڌا ويندا ته جيئن اهي حل ڪري سگهجن. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي بجيٽ جو درست استعمال ٿئي ته 80 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا. تقريب ۾ سنڌ ي??ني??رسٽي، لياقت ميڊيڪل ي??ني??رسٽي ۽ شهيد الله بخش ي??ني??رسٽي آرٽس، ڊيزائين ۽ هيريٽيج جي ذهين شاگردياڻين کي اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا ويا. تقريب ۾ سنڌ ي??ني??رسٽي ۽ لياقت ي??ني??رسٽيءَ جي ٻن شاگردياڻين نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ تحت پنهنجي پرهائي مڪمل ڪري عملي زندگيءَ ۾ مليل ڪاميابيءَ بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ وفاقي وزير مدد علي سنڌي، وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙو سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊيزائين جو دورو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي ۽ ٻين سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي ۽ سندس پورٽريٽ وفاقي وزير کي تحفي ۾ ڏنا، گڏوگڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ٽيڪسٽائيل شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل مفلر ۽ اجرڪن سميت مختلف ثقافتي تحفا وفاقي وزير حوالي ڪيا ويا. ان کان اڳ وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ جي بينظير گئلريءَ ۾ فوٽو نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ گئلريءَ ۾ لڳايل تصويرون دلچسپيءَ سان ڏٺيون. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين توڙي سندن سپروائيزر ٽيچرن جي واکاڻ ڪئي.جنهن بعد هن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي جي مزارن تي حاضري ڀريندي گلن جي چاندر چاڙهي ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري.