اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چائينا ميڊيا گروپ سي ??يڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ آرٽ نمائش ۽ ثقافتي شو جو بندوبست ڪيو. ان موقعي تي سي ??يڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي حوالي سان خصوصي پينٽنگز جي نمائش ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪندي پاڪستاني ثقافتي فنڪارن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ان دوران بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن به پرفارمنس ڪيو، تقريب ۾ موجود چيني ثقافتي فنڪارن خوبصورت موسيقيءَ ذريعي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب کي ايف ايم 98 دوستي چينل جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوپنگ پنگ جو چوڻ هو ته سي ??يڪ پاڪ چين دوستي جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سي ??يڪ ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿ??ندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ثقافتي پروگرامن سان اسان کي جتي هڪٻئي جي ثقافت کي ڄاڻڻ جو موقعو ملندو اتي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ هٿي ايندي. هن چيو ته اڄ جي تقريب پڻ سي ??يڪ جي منصوبي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان جاري تقريبن جو هڪ تسلسل آهي. ڪي پي ڪي سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين حسان دائود تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي ??يڪ سان خطي ۾ ترقيءَ جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چائينا ميڊيا گروپ طرفان سي ??يڪ جا وڊيو پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا جن کي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن بيحد ساراهيو. پاڪستان ۾ قائم چيني سفارتخاني جي ثقافتي ڪائونسلر جنرل چانگ حه چنگ سميت ٻين اعليٰ عهديدارن ۽ پاڪستان چين جي م??تلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.