اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ مختلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تص??ر ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب دوست ملڪن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايپڪس ڪميٽي (ايس آءِ ايف سي) جو خصوصي اجلاس ٿيو. نگران وز??راعظم جي صدارت ۾ ٿ??ند?? اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وز??رن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي تعاون جي موجوده سطح جو جائزو وٺندي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ مختلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تص??ر ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم تعاون جي ممڪن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيندي سمورن حصيدارن کي ڊگهي مدي واري اقتصادي منافعو حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آرمي چيف پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو.