اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي ملڪن تي زو?? ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گ??يل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي. ??ماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگران وز??راعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گ??يل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگران وز??راعظم گ??يل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرا??ي. ??ن موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگران وز??راعظم اسلامي ملڪن تي زو?? ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.