اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نئين سال (2024ع) جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته سال 2024ع ا??ان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نو??د کڻي اچي، پنهنجي فلسطيني ڀينرن ڀائرن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ا??ان نئين سال کي انتهائي سادگي ??ان ملهائي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نئين سال جي شروع ٿيڻ تي آئون پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ا??ان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نئين سال کي انتهائي سادگي ??ان ملهائي رهيا آهيون ۽ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال جي هر قسم جي تقريب تي پابندي آهي. هن چيو ته نئون سال شروع ٿيڻ تي الله تعاليٰ کان اها دعا ڪريان ٿو ته سال 2024ع ا??ان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نو??د کڻي اچي. آئون اميد ڪريان ٿو ته نئين سال ۾ ا??ان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين ۽ هڪ روشن مستقبل طرف قدم وڌائينداسين. نگران وزيراعظم چيو ته نئين سال جي شروعات پاڪستان ۽ پوري قوم جي لاءِ انتهائي اهم آهي ڇو ته ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي جو سفر تيزي ??ان پنهنجي منزل طرف جاري آهي. مون کي يقين آهي ته پاڪستان اڳ کان وڌيڪ پرامن ۽ مضبو?? معاشي ملڪ بڻجي سامهون ايندو. نگران وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته 2023ع ۾ دنيا کي امن امان ۽ قدرتي آفتن جا جيڪي بحران درپيش رهيا، نئين سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. فلسطين جي مظلوم عوام تي اسرائيلي ڏاڍ سال 2023ع جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حصو هو. غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ مظلوم فلسطينين خاص طور تي معصوم ٻارن جي قتل عام ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت شديد ڏک ۾ ورتل آهي. اميد ڪريان ٿو ته عالمي دنيا 2024ع ۾ فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ، اسرائيلي رتوڇاڻ روڪڻ ۽ ان جي مسئلي جي منصفاڻي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. منهنجي اها خواهش ۽ اميد آهي ته سال 2024ع ۾ مظلوم ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي حوالي ??ان نئين ڪاميابين طرف وڌي. هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي وطن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي گهرڀاتين ??ان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم چيو ته نئين سال جي شروعات تي آئون معاشي صورتحال جي وڌيڪ بهتري، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوام جي تڪليفن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ??ريان ٿو. 2024ع ۾ ا??ان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي، خوشحالي ۽ امن جو گهوارو بڻائڻو آهي. اچو نئون سال شروع ٿيڻ تي ا??ان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار سچي نيت ??ان ادا ڪندا رهنداسين.