اسلام آباد – 15 – ??نوري (اي پي پي) نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغانستان ??عاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان ??لاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب نگران ??رڏيهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ هن افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آصف دراني سان افغانستان جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.