اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صح??فت جي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊ??ا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل ز??هد ملڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ?? ميڊيا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيار جي ڪردار ۽ صح??فت جي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صح??فت جي آزادي پڪو يقين رکي ٿي، صح??فت جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊ??ا اميدوارن ۽ ووٽرز جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بح??ن ۽ تجزين جي ذريعي ميڊيا عوامي تاثر جوڙي ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ?? پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافين ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل ز??هد ملڪ صح??فت جي آزادي ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو.