راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) عام چونڊن 2024 ۾ راولپنڊي ض??عي ۾ پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيو. راولپنڊي ض??عي ۾ عام چونڊون 2024 ل??ءِ 7 قومي اسيمبلي ۽ 14 صوبائي ??سيمبلي جي اميدوارن جي چونڊ ل??ءِ پولنگ پرامن طريقي سان ختم ٿي وئي. صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام 5 وڳي تائين ڪنهن به وقفي کانسو??ءِ جاري رهي. پوليس طرفان ضلعي جي سمورن پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا جتي ووٽرز ڪنهن به خوف کانسو??ءِ پنهنجي ر??ءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو. ضلعي جي ڪنهن به حصي ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن ل??ءِ 16500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪيا. حساسيت جي لحاظ سان ڪيٽيگري اي جي 694 پولنگ اسٽيشنز، بي ڪيٽيگري جا 1371 ۽ سي ڪيٽيگري جا 3425 پولنگ اسٽيشن هئا. ريجنل پوليس آفيسر راولپنڊي ريجن سيد خرم علي مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عمل کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويو.