اسلام آباد – 11 – مارچ (اي ??ي پي) صدر آصف علي زرداري کي تا??ڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تا??ڪستان سان ??اڳ??پن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تا??يخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ به??ر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تا??ڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو شروع ٿيڻ تي تا??ڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تا??ڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي تا??ڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تا??ڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبارڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تا??ڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.