اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 6 مارچ تي نائين پاڪستان – يو??پي يونين پوليٽيڪل ڊائيلاگ جي ميزباني ڪندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پر??يهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته يو??پي يونين پاران ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يو??پي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس اينريڪ مورا قيادت ڪندو. ترجمان چيو ته ڌريون پاڪستان – يو??پي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد، دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ يو??پي يونين جو آخري سياسي ڊائيلاگ 22 نومبر 2022ع تي برسلز ۾ ٿيو هو.