ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) سنڌ جي ??ورنر ڪامران خان ٽيسوري سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، وفاق جي ترقياتي منصوبن، شهر قائد جي صن??تڪ??رن جي مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سنڌ جي ??ورنر جي فلاحي منصوبن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ جي ??ورنر جو آءِ ٽي پروگرام ساراهه جوڳو قدم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ جي صنعت ۾ پڻ تيزي ايندي.