اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??سلامي جمهوريه ايران ??و صدر ڊاڪٽر سيد ا??راهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ?? ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ وفدن ??ي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران ??وينيو جو نالو ڏ??ڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.