اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ عالمي اقتصادي فورم جي ??صوصي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندو جيڪو 28 کان 29 اپريل تي رياض ۾ ”عالمي تعاون، واڌويجهه ۽ ترقي بابت توانائي“ جي موضوع تي منعقد ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ڊبليو اي ايف جي ??اني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين جي ??عوت تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. هن چيو ته فورم ۾ اعليٰ سطح جي ????ڪت عالمي سطح تي صحت جي ڍانچي، جامع ترقي، علائقائي تعاون ۽ واڌويجهه ۽ توانائي جي کپت جي وچ ۾ توازن ۾ پاڪستان جي ??رجيحن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي، ان کانسواءِ شريڪ عالمي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمن جي ??ربراهن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم 4، 5 مئي 2024ع تي گيمبيا جي گادي واري شهر بنجول ۾ ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ??ريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ جي نعري تحت اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي 15 هين اجلاس ۾ ش??ڪت جي لاءِ گيمبيا جو دورو ڪندو. او آءِ سي جو سربراهي اجلاس اهڙي نازڪ وقت ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جڏهن غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو سلسلو جاري آهي، اجلاس ۾ مسلمان دنيا جا اڳواڻ فلسطين جي ??ورتحال تي غور فڪر ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ نسل ڪشيءَ تي پاڪستان جي ??ديد ڳڻتي جو اظهار ڪندو، فلسطينين جي ??ودمختياري جي ??ق جي وڪالت ڪندو، يڪجهتي جي لازمي ضرورت کانسواءِ اسلامو فوبيا، دهشتگردي ۽ دنيا خاص طور تي مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز تي ڳالهه ڪندو. وزيراعظم مسلم دنيا جي ??ڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. او آءِ سي سربراهي اجلاس کان اڳ 2 کان 3 مئي تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو شروعاتي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ش??ڪت ڪندو، جيڪو ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ڀارتي اڳواڻن جي ??شتعال انگيز بيانن ۾ اضافو ڏسي رهيو آهي جيڪو ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرضروري دعويٰ ڪن ٿا. پاڪستان اشتعال انگيز بيان بازي تي ٻڌل ڀارتي دعوائن کي رد ڪري ٿو، اهڙيون دعوائون علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهن. هن ڀارتي سياستدانن تي زور ڏنو ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي ??ندروني ڳالهه ٻولهه جو حصو بڻائڻ جو عمل بند ڪن. هن چيو ته ڀارتي بيان بازي ۽ دعوائن جي ??اوجود ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ڇو ته گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته حتمي حيثيت جو تعين آزاداڻي ريفرنڊم جي ??ريعي ڪشميري عوام جي مرضي سان ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ دانشمندي هوندي ته هو ڪنهن فريب ۾ مبتلا ٿيڻ بدران انهن قراردادن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجي ??صي جو ڪردار ادا ڪري. ترجمان ڀارت ۾ مسلمانن ۽ اقليتن جي مسلسل تذليل ۽ انهن کي نشانو بڻائڻ جي پڻ مذمت ڪئي. هڪ سوال جي ??واب ۾ ترجمان چيو ته في الحال پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪا بيڪ چينل ڊپلوميسي نه هلي رهي آهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ??وري بابت ميڊيا کي آگاهه ڪندي هن چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائن، ٻطرفين سرحدن کي امن ۽ تعاون جي ??رحدن ۾ تبديل ڪرڻ، آزاد واپاري معاهدي ۽ هڪ ٻئي جا قيدي آزاد ڪرڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ بابت سوال تي هن چيو ته ايراني صدر جي ??وري دوران ان تي ڳالهه ٿي ۽ گڏيل بيان ۾ پڻ ان کي نمايان ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان کي توانائي جون ضرورتون آهن ۽ هو ان جي ??رآمد جي لاءِ آپشنز ڳولي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران پاڪستان واپار بابت آمريڪي عملدارن جي ??يانن کي نوٽ ڪيو آهي ۽ آمريڪا سان توانائي جي ??رورتن جي ??مورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي هڪ اعليٰ سطحي وفد چيئرمين لوزائو هوئي جي قيادت ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين چائنا پاڪستان اڪنامڪ لنگهه تحت تڪميل هيٺ منصوبن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. غزه جي ??ورتحال ۽ ٻن اجتماعي قبرن جي ??ريافت تي روشني وجهندي ترجمان اسرائيل جي ??نگي ڏوهن جي ??اچ ۽ ذميواري جي ??عين، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ انساني امداد تائين بنا روڪ ٽوڪ پهچ جو مطالبو ڪيو. ترجمان انساني حقن بابت آمريڪي ڪنٽري رپورٽ کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ڇو ته ان رپورٽ جي لاءِ ناقص طريقيڪار استعمال ٿيو آهي.