اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪ??تا?? خوش قسمت آهي جنهن کي سعودي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي، اميد آهي ته پاڪ??تا?? جو دورو ڪندڙ سعودي وفد سان پاڪ??تا??ي ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سعودي عرب جي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ۽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايس آءِ ايف سي جي قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ سعودي عرب جي ڪاروباري وفد جي اسلام آباد اچڻ ۽ متوقع شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي سعودي عرب جي تازي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪيو. اجلاس کي سعودي عرب پاران ڪاروباري شخصيتن جي اعليٰ سطحي وفد جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪ??تا?? جي دوري بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي قيادت پاران پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پاڪ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدمن تي مون سميت پوري قوم سعودي قيادت جي ٿورائتي آهي. سعودي عرب جي دوري جي بهترين تياري جي لاءِ سمورن لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سعودي قيادت پاڪ??تا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي، جيڪا خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سعودي وفد جي بهترين مهمان نوازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اميد آهي سعودي وفد سان پاڪ??تا??ي ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. پاڪ??تا?? خوشقسمت آهي جنهن کي سعودي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.