اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاران پ??ڪس??اني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي تياري کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اسان جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل ت??ريف آهي، هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاران پ??ڪس??اني ثقافت تي فلم دنيا کي پ??ڪس??ان جي خوبصورتي ڏسڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي، پ??ڪس??ان ۾ فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي. اها ڳالهه هن هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??اني ثقافت تي ٻڌل فلم جي تياري سميت ملڪ جي عظيم ثقافتي ورثي ۽ تاريخ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم کي ملڪ ۾ فلم جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن پ??ڪس??اني ثقافت تي فلم جي تياري جي چونڊ ڪئي، اهو اسان جي ثقافت ۽ ماڻهن جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي. وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان هڪ عظيم ثقافتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي، اسان جي تاريخ، ادب، موسيقي ۽ فن سڄي دنيا ۾ منفرد ۽ قابل ت??ريف آهي، اسان کي يقين آهي ته هي فلم دنيا کي پ??ڪس??ان جي خوبصورتي کي ڏسڻ جو نئون موقعو فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم کي پ??ڪس??ان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان ۾ فلم واحد صنعت آهي جيڪا ٽيڪس فري آهي، شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾ اسان فلم پاليسي بحال ڪئي، فلم جي شعبي کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ته جيئن نوجوانن کي ان شعبي ۾ اچڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو، فنڪارن جي لاءِ ميڊيڪل انشورنس ۽ فلم انڊسٽري جي لاءِ ٽيڪس مراعتن سان فلم انڊسٽري ۽ ان سان واڳيل شعبن کي فروغ مليو. هن چيو ته 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم سازن کي 5 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي، نئين سئنيما گهرن، پروڊڪشن هائوسز، فلم ميوزيمنز قائم ڪرڻ تي 5 سال جو انڪم ٽيڪس، فلم ۽ ڊرامي جي برآمد تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي. هن چيو ته مقامي طور تي گڏيل فلم ۽ ڊراما پروجيڪٽس تي غيرملڪي فلم سازن کي پڻ رعايت ڏني وئي آهي، ان جي لاءِ پ??ڪس??ان ۾ 70 سيڪڙو فلم جي شوٽنگ جي شرط لاڳو آهي ته جيئن سياحت ۽ ثقافت سميت ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملي. هن چيو ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پ??ڪس??ان پنهنجو بيانيو عالمي سطح تي پهچايو. اطلاعات واري وفاقي وزير هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پاران تيار ڪئي ويندڙ فلم پ??ڪس??اني فلمي صنعت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، فلم جي تياري سان سڄي دنيا جي ماڻهن کي پ??ڪس??ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو موقعو ملندو ۽ ملڪ جو سافٽ اميج اجاگر ٿيندو. ان موقعي تي هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پ??ڪس??ان ۾ ميزباني تي پ??ڪس??ان حڪومت، پ??ڪس??ان جي عوام ۽ فلمي صنعت جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃ??ندي چيو ته هو پ??ڪس??ان جي دوري مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، پ??ڪس??ان جي خوبصورتي، عظيم ثقافتي ورثي ۽ ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر آهيون. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ فلم سازي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، اسان ان صنعت کي وڌي?? اڳتي وڌڻ ۾ مدد جي لاءِ پرعزم آهيون. وفد ۾ جيمز ايم سي ميلان، اينڊريو جيمز فيرو، ليوسا اسڪن، سعديه اشرف، بدر اڪرم، مشعل ثقافت شامل هئا. واضح رهي ته هالي ووڊ پروڊڪشن ٽيم پ??ڪس??اني ثقافت تي انٽرنيشنل فلم جي عڪس بندي جي لاءِ پ??ڪس??ان جي دوري تي آهي.