اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي برساتن دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪنهن به ??نگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اين ڊي ايم اي سنڌ ۾ جولاءِ جي ٻئي هفتي ۽ چوٿين هفتي ۾ ڪراچي، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد جڏهن ته آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ۾ سانوڻي جي تيز برستان جي اڳڪٿي ڪندي، علائقن ۾ ادارن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وز??راعظم پنهنجي ??دا??ت هيٺ سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي ۽ ان ??ان پيدا ٿيندڙ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر مل?? ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وز??راعظم سانوڻي جي برساتن ??ان پيدا ٿيندڙ امڪاني ٻوڏ صورتحال جي پاڻ نگراني جو فيصلو ڪيو آهي. وز??راعظم سانوڻي جي برساتن دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم سانوڻي جي برساتن جي حوالي ??ان ڪنهن به ??نگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي سانوڻي جي برساتن جي حوالي ??ان مدد ۽ رهنمائي ڪري. هنگامي صورتحال ۾ امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن جي ماڻهن کي سانوڻي جي برساتن جي حوالي ??ان اڳواٽ اطلاع پهچائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وز??راعظم چيو ته آبادگارن، دريائن ۽ واهن جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن کي روزانو جي بنياد تي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن ??ان اڳواٽ اطلاع ڏنو وڃي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته سانوڻي جي برساتن جي حوالي ??ان اڳواٽ ڄاڻ کي قومي نشرياتن جو حصو بڻايو وڃي. آبادگارن کي باقاعدگي ??ان موسم جي صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي. ڪنهن به ??نگامي صورتحال ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي پاران سانوڻي جي برساتن جي هيستائين جي اڳڪٿي ۽ امڪاني خطرن ۾ ورتل علائقن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جولاءِ جي پهرين ۽ ٻئي هفتي ۾ چئني صوبن ۾ سانوڻي جي برساتن جون شديد برساتن جو امڪان آهن. هلندڙ سال سانوڻي جي برساتن جو سلسلو پاڪستان ۾ ڏکڻ ۽ اوڀر کان ٿيندو اتر طرف وڌندو. جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پوٺوهار ۽ پنجاب جي اوڀرندي حصي ۾ برساتن جو امڪان آهي. جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ راولپنڊي، سرگوڌا، گوجرانوالا، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ تيز برسات، جڏهن ته بهاولپور، ملتان، ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان خطي ۾ ڪٿي ڪٿي برساتن جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آگسٽ جي پهرين ٻن هفتن ۾ ستلج، چناب ۽ راوي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي. انهن دريائن جي ڀرپاسي آبادين کي نه رڳو اڳواٽ ڄاڻ ۽ لڏپلاڻ جي لاءِ تياريون مڪمل آهن. جڏهن ته ڪنهن به ??نگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ جولاءِ جي ٻئي هفتي ۽ چوٿين هفتي ۾ ڪراچي، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ۾ آگسٽ جي ٽئين هفتي به سانوڻي جي برساتن جو امڪان آهن. خيبرپختونخواهه ۾ جولاءِ ۾ هزاره، مالاڪنڊ، مردان، پشاور، ڪوهاٽ، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو آگسٽ جي ٽئين هفتي تائين رهڻ جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ جولاءِ جي ٻئي، چوٿين ۽ آگسٽ جي پهرين ٻن هفتن ۾ سامونڊي ۽ سنڌ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ لسٻيلا، اڙماڙه، خضدار، بارکان، سبي ۽ زوب ۾ وڏي پئماني تي برساتن جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۾ جولاءِ ۾ جزوي برساتون جڏهن ته آگسٽ جي پهرين ٽن هفتن ۾ وڏي پئماني تي برساتن جو امڪان آهي. جنهن ۾ اسڪردو، هنزه، چلاس ۽ غذر ۾ برساتن جو امڪان آهي. آزاد ڪشمير ۾ جولاءِ جي پهرين ٽن هفتن ۾ وڏي پئماني تي تيز برساتن ۽ ڇپُون ڪرڻ جو خطرو آهي. اجلاس کي ستلج ۽ چناب جي ڪنارن تي آبادين جي ڪنهن به ??نگامي صورتحال ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي تيارين کان به آگاهه ڪيو ويو. سڄي مل?? ۾ ٻيڙين، خيمن، پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ پمپس، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو مناسب ذخيرو رکيو ويو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سانوڻي جي برساتن جي حوالي ??ان تياريون هلندڙ سال جنوري جڏهن ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مشقون مارچ کان جاري آهن. ريسڪيو ادارن پي ڊي ايم اي، پاڪستاني فوج جا دستا ۽ اين ڊي ايم اي مسلسل امڪاني طور تي متاثر علائقن ۾ هاءِ الرٽ آهن. سانوڻي جي برساتن ۽ موسم جي صورتحال ??ان گڏوگڏ اڳواٽ ڄاڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي هڪ موبائيل ايپ متعارف ڪرائي آهي جيڪا ماڻهن جي استعمال ۾ آهي. سانوڻي جي برساتن ۾ ڪنهن به ??نگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سانوڻي جي برساتن ڪنٽنجينسي پلان جوڙي لاڳاپيل ادارن ۽ صوبائي حڪومتن کي موڪليو ويو آهي.