لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي)اڳوڻي ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪس??ان شيخ انوار الحق چيو آهي، ته ڀارتي حڪومت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم ڪري رکي آهي، ڀارت ۾ نه رڳو ڪشميرين پر ٻين اقليتن لاءِ به زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، سڀئي پاڪستاني ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن جي جدوجهد ۾ ??ند?? ساٿ ڏيندا. هن يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جي هڪ طرفي طور غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي جي عوام جا حق پائمال ٿي رهيا آهن. هن عالمي برادري جي بي حسي تي افسوس جوا ظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين تي ٿيندڙ انسانيت کي ڏکوئيندڙ ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ به ڪشميرين جو عزم ۽ حوصلو بلند آهي ۽ هو پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽندا. هن چيو ته ڪشمير پاڪس??ان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ پاڪس??ان کان سواءِ اڻ پورو آهي، پاڪس??ان ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجي م??قف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو ۽ ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.