اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخ??ين کي طبي امداد ??را??م ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به راب??و ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن م??ن اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد ??را??م ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ سهولت ??را??م ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخ??ين جي علاج ۾ سهولت ??را??م ڪئي وڃي.