اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرا??س وين ڊيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪ??ڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وز??رت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽ??ائ?? آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪ??ڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن مذهبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪ??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.