ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به وزيراعظم سان گڏ آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، بلوچست??ن اسيمبلي جي اسپيڪر ??بد??لخالق اچڪزئي، صوب??ئي وزير ??بد??لرحمان کيتران ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن آجيان ڪئي.