اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته ملڪ ۾ ناڻ?? واڌ جي شرح گذريل ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو 9.5 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي، اهو رڳو ??تفاق نه آهي، ڪوششن جو ثمر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري موجب آگسٽ 2024ع ۾ ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو ناڻ?? واڌ جي شرح هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اسان جو ڌيان عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي آهي، اسان جو ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو، اڃا وڌيڪ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ??هي ۽ اسان حقيقي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.