اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشي?? جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کي پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ملائيشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اسان ملائيشي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن ??ي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ملائيشيا روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس وفد کي نور خان ايئربيس تي الوداع ڪيو. ان موقعي تي ملائيشي?? جي وزيراعظم کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جي تصويرن تي ٻڌل البم پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشي?? جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ملائيشي?? جي وزيراعظم سان پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته ملائيشيا جو وزيراعظم ع??امه اقبال جو مداح آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ملائيشي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ سٺن لفظن ۽ نيڪ خواهشن ??ي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪ ملائيشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ تي مثبت اڳڀرائي ٿي، پاڪستان جي ملائيشيا سان واپار جي فروغ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ملائيشي?? جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان ملائيشيا کي پراسيسڊ گ??شت ۽ چانور جي برآمدات ۾ اضافي ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انف??رم??شن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ واپار ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ٿيو. دوري دوران ملائيشي?? جي وزيراعظم جي وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشي?? جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ملائيشي?? جي وزيراعظم کي صدر پاران نشان پاڪستان پڻ نوازيو ويو.