بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائونگ چيو آ??ي ته چيني وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو چين ۽ پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو هڪ اهم مثال آهي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جو عڪاس آهي ۽ اهو 11 سالن کانپوءِ چين جي وزيراعظم جو پهريون دورو هو، دوري دوران لي چيانگ پاڪستاني حڪومت، پارليامينٽ ۽ عسڪري قيادت سان وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ موجب ان دوري جا ٽي اهم مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جن ۾ هڪ سال جي اندر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف سطحن تي حڪومتي رابطن ۽ مٽاسٽا ۾ اضافو ٿيو آ??ي جنهن سان گڏيل لاڳاپن کي سگهه ملي آهي. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، عسڪري قيادت سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبي ۾ وڌيڪ ويجهي تعاون جي امڪانن کي وڌايو آ??ي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ”هر دور جي دوستي“ هڪ منفرد ۽ مضبوط تعلق جي عڪاس آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، انهن لاڳاپن جو بنياد گڏيل اعتماد، احترام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم لي چيانگ جي پاڪستان جي دوري جو مقصد به انهي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۽ وسعت ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان پنهنجي تازي اعليٰ سطحي رابطن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ” هر دور جي دوستي“ کي نئين توانائي ۽ قوت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آ??ي ۽ انهن لاڳاپن کي اعليٰ سطح تي فروغ ڏنو پيو وڃي. چين پاڪستان سان لاڳاپن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ اهم ترجيح جي طور تي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته پاڪستان چين سان لاڳاپن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو جيڪي پاڪستاني معاشري جي سمورن طبقن ۾و سيع پئماني تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن نئين گوا??ر انٽرنيشنل اي??رپ??رٽ جي تڪميل جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جيڪو سي پيڪ تحت ٿيندڙ اهم ترقياتي اڳڀرائي جي علامت آهي، اهو اي??رپ??رٽ نه رڳو خطي ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري جو مظهر آهي پر ٻطرفي تعاون جي ڪاميابين جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازي ده??تگردي جي واقعن جي نتيجي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ده??تگردي جي ڏوهارين کي پڪڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان خاطري ڪرائي ته ملڪ ۾ موجود چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل حفاظت جي لاءِ ده??تگردي جي خاتمي جي قدمن کي تيز ڪيو ويندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ ده??تگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون جي ماحول کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر حفاظتي قدم کڻي، ٻنهي ملڪن ده??تگردي جي خلاف پنهنجي زيرو ٽالرنس جي موقف جي تصديق ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سطح تي ده??تگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين ۽ منصوبن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي قدمن کي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آ??ي جنهن ۾ سيڪيورٽي تي سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ حفاظتي قدم شامل آهن. چين به پاڪستان جي ده??تگردي جي خاتمي جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مدد جي آڇ ڪئي ته جيئن ملڪ ۾ ٻطرفي تعاون جي لاءِ هڪ محفوظ ماحول کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ان تعاون جو مقصد نه رڳو گڏيل تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي پر علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي سطح تي حمايت پڻ حاصل ڪرڻ آهي.