اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي و??ائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير تاپاس اڌيڪاري الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيپالي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي و??ائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۽ نيپال جي و?? ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير اڌيڪاري جي ڪوششن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. سفير اڌيڪاري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ سفارتي عرصي ۾ سندس پاران ڏني ويندڙ حمايت ت?? ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي عوام جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون کي و??ائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو.