اسلام آباد-16 نومبر(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اڳوڻي سينيٽر ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان م??جب صدر مملڪت آصف علي زرداري مرحوم جي ڪٽنب سا?? تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر لاءِ پڻ ڌڻي در دعا ڪئي.