اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن س??لن ۾ پاڪس??ان مان آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ پرعزم آهيون، فائيو جي سروس جي ڪري ڊيجيٽل پاڪس??ان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن وي آن گروپ جي 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گروپ جي چيئرمين آئوگي ڪي فيبيلا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن س??لن ۾ پاڪس??ان ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ پرعزم آهيون. ڏورانهين علائقن ۾ به تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ تيز ترين ۽ قابل اعتماد انٽرنيٽ سروس جي لاءِ فائيو جي انٽرنيٽ جون سروسز متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. فائيو جي سروس جي ڪري ڊيجيٽل پاڪس??ان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو. وزيراعظم پاڪس??ان ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشت جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته وي آن جو ذيلي ادارو جيز گروپ پاڪس??ان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ فنانس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مصنوعي ذهانت جي فروغ جي حوالي سان وي آن گروپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??ا خواهشمند آهيون. وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪس??ان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اهم ملڪ بڻجي چڪو آهي. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.