اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي مئچ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. اسان کي خبر هئي ته توهان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ??ڪ پوسٽ ۾ چيو ته آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنهنجي ??رڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. هن چيو ته ڪاميابي جي ??ٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان مح??د رضوان کي ٽيم جي ??يادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته اسان جي ??يم جا حوصلا بلند آهن، پنهنجي ??لڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.