اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ??و گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏه??ڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو ا??هار ڪريون ٿا ?? مطالبو ڪريون ٿا ته حرا??ت ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو ا??تساب ڪيو وڃي.