اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ نوج??ان?? جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪا??هه وزيراعظم يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، ??نرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوج??ان?? جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوج??ان?? وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪستان ۾ نوج??ان?? کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، ??ي نوج??ان?? کي عالمي بهترين طريقن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوج??ان?? جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمني پاڪستاني نوج??ان?? کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن کي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.