اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان چيو آهي ته يونان ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿ??ندڙن مان چئن پاڪستان?? شهرين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان گهري ڏک سان اعلان ڪريون ٿا ته يوناني عملدارن پاران شيئر ڪيل تازه ترين معلومات موجب ڇنڇر ڏينهن يونان جي جزيري ڪريٽ جي ڏکڻ ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿ??ندڙن مان چئن پاڪستان?? شهرين جي سڃاڻپ ٿي آهي. ترجمان چيو ته ايٿنز ۾ اسان جو مشن يوناني عملدارن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن بچ?? ويلن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ لاشن کي وطن واپس آڻي سگهجي.