رياض _6 جون (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ حج ضابطن جي خ??اف ورزي ڪرڻ تي 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي . العربيه مطابق سعودي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته حج سيڪيورٽي فورسز حج ضابطن ۽ پرمٽ جي خ??اف ورزي ڪندڙ 9 ماڻهن کي مڪه جي داخلي رستي تي گرفتار ڪيو آهي. سعودي پريس ايجنسي مطابق حراست هيٺ ماڻهن ۾ 2 پرڏيهي جڏهن ته 7 سعودي شهري شامل آهن جيڪي 49 ماڻهن کي غير قانوني طريقي سان مڪه مڪرمه وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ??هي?? هئا. پاسپورٽ کاتي ۽ اميگريشن ” جوازات “ جي سيزنل جاچ ڪميٽي انهن خلاف انتظامي فيصلو جاري ڪيوآهي . ضابطن جي خ??اف ورزي ڪندڙ هر هڪ شخص کي 15 ڏينهن قيد ۽ في ماڻهو کي 10 هزار ريال ڏنڊ جي سز?? مڪمل ٿيڻ بعد مملڪت مان بي دخل ڪيو ويندو .