مظفر آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشميري نوجوانن ظلم ۽ تشدد جي تازي لهر جو بهادري سان مقابلو ڪري آزادي جي تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي، عالمي برادري ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي معاملي ۾ لاتعلقي جو رويو ترڪ ڪري، جيڪڏهن ظلم ۽ ناانصافي کي نه روڪيو ويو ته دنيا ۾ آزادي ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪير به نه ڪري سگهندو، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جار?? رکندو. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير جي دوري دوارن قائداعظم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ سردار محمد مسعود خان صدر آزاد ڪشمير حڪومت ۽ وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان به ش??يڪ هئا، صدر ممنون حسين چيو ته اهڙي تقريبون قائداعظم ۽ ڪشمير جي مضبوط تعلق جي ياد ڏيارين ٿيون ۽ آزاد ۽ والاريل ڪشمير ج?? رستا ۽ گهٽي گهٽي قائداعظم جي خوشبوءِ سان مهڪي رهيا آهن.