??سل??م آباد – 28 ڊسمبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي پاڪ بحريه ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ اڀرندڙ خطرن جي پ??ش نظر ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ خطي جي سامونڊي مفادن جي تحفظ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، دوست ملڪن جي ڪيڊٽس جي ٽريننگ ذريعي خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي حاصل ڪرڻ ?? نيول اڪيڊ??ي جو ڪردار اهم آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ 112 هين مڊشپ مين ۽ 21 هين شارٽ سروس ڪيمشن پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ آفيسرن کي خطاب ڪندي ڪيو.