ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي پنهنجي عوام کي غربت مان ڪڍي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهن ٿا، ڀارتي حڪومت غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي، ڀارت انتهاپسند نظريي تي عمل ڪري رهيو آ??ي، ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آ??ي دنيا ڏسي رهي آهي، جيڪو هڪ وڏي الميي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن کي تاريخ جي بدترين سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آ??ي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خ??اب کانپوءِ شرڪت ڪندڙن جي سوالن ??ا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته اڳواڻ اهو هوندو آ??ي جنهن جو ڪو نظريو هوندو آ??ي ۽ اهو پنهنجي موقف تي قائم رهندو آ??ي.