اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي اثرن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقي جي ل??ءِ 200 ار?? رپيا، معاشري جي انتهائي غريب طبقي جي ل??ءِ 150 ار?? رپيا، برآمد ڪندڙن کي فوري 100 ار?? رپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي ل??ءِ 100 ار?? رپيا، يوٽيلٽي اسٽورز جي ل??ءِ 50 ار?? رپيا، لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ 100 ار?? رپيا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي ل??ءِ 280 ار?? رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار رپيا امداد ڏني ويندي، 300 يونٽ تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 رپيا گهٽ ڪري رهيا آهيون، دالين سميت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون، تعمير??تي صنعت جي ل??ءِ خاص مراع??تي پئڪيج تيار ڪري رهيا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي ل??ءِ به خاص پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.