اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا هڪ ڏي??هن ۾ 2603 ڪيسز رپورٽ ۽ 50 فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪئي آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي دوران رش وارين جاين، شاپنگ مالز ۽ گهرن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي، سماجي فاصلو برقرار رکي ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، هي عيد گذريل سمورين عيدن ??ان مختلف هوندي، عيدالفطر جي موقعي تي گلي نه ملو، سماجي فاصلو برقرار رکو، 50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ ميڊيا کي بريف??گ ڏئي رهيو هو.